راهوڙو ريلان

راهوڙو ريلان (لوڪ گيت): هي ٿري گيت آهي، جنهن کي شادين مرادين ۽ ٻين خاص ڏينهن تي عورتون ڳائينديون آهن. نموني طور پيش ڪجي ٿو:
مانرو راهوڙو ريلان جائي،
ساسو ڌاري کوپي، مين تو ڌاري ڀورڪي مينسڙي،
ساسو ري کوپي مري گئي، مانري تو ڏوجھي ڀورڪي مينس ڙي!
نيٻوجھرليو. . . !
[ترجمو: منهنجو واٽهڙو ميدان ڏئي پيو وڃي، سَسُ هڪڙي ڍڳي ڌاري آهي ۽ مون ڀوري مينهن ڌاري، سس جي ڍڳي مري وئي ۽ منهنجي ڀوري مينهن ڏُڀي پئي.]
ساسو اوڍي لوئڙي، مين تو اوڍيو سچو ساڙهو ڙي،
ساسُو ري لوئڙي ٻُڌي گئي، مين تو ساڙهو اوڍي مٽڪُو ماريو ڙي،
نيٻوجھرليو . . .
[ترجمو: رات سس لوئي اوڍي ۽ مون ريشمي سائرو اوڍيو، سسُ جي لوئي سڙي وئي ۽ مون ساڙهو اوڍي ڦيري پاتي.]


لفظ راهوڙو ريلانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو